SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


خط نويسي


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

خط نويسي

(Letter Writing)

”خط“ والدين، ڀائرن، گهر جي ڀاتين، چاچن، مامن، ٻين عزيزن، دوستن، عالمن، اديبن، استادن، شاگردن ۽ وڏين شخصيتن ڏانهن لکيو ويندو آهي. خط، غيرافسانوي ادب جو ھڪ قسم آھي. خط نويسيءَ جي تحرير، دل جي اندرئين تَهه مان نڪرندڙ صنف آهي، جيڪا مختلف ارتقائي مرحلا طئي ڪري اڄ اِنشاپردازيءَ جي اُوچي مقام تي پهتي آهي ۽ اعليٰ ادب جو رُتبو ماڻي چڪي آهي. خط اڳتي هلي اڌ ملاقات جي صورت اختيار ڪري ويو. خطَ لفظن جو روپ ڌاري ڄڻ ته ”اڌ ملاقات“ بڻجي ويندو آهي.ادبي دنيا ۾ خطن کي وڏي اهميت آهي. دنيا جي اعليٰ ادب ۾ مارڪس سِسَرو (106-43BC)، مائيڪل ائنجلو (1564_1475ع)، روسو (1778-1712ع)، ورڊس ورٿ (1850- 1770ع)، مخدوم محمد معين ٺٽوي (متوفي 1161هه)، مرزا غالب، جواهر لال نهرو، ابوالڪلام آزاد، سائين جي. ايم. سيد، علامه آءِ. آءِ. قاضي، محمد ابراهيم جويو، شيخ اياز ۽ ٻين علم، ادب، سياست ۽ فن لطيف جي مختلف شعبن ۾ پنهنجو پاڻ موکيندڙ اڪابرن خط نويسيءَ جي شهرت کي بلندين تائين پهچائي ڇڏيو آهي.


دفتري اصطلاحن جي ڊڪشنريءَ مان:


خط نويسي

Lethargy writing


Remember Me Also:

خاڪدان

ذ. مِٽي يا گند وغيره اُڇلڻ جو ٿانءُ. ڪِنايته دنيا.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal